ڊي جي سنڌ ڪاليج

ڊي جي سنڌ ڪاليج

ڊي جي سنڌ ڪاليج

ڊي جي سنڌ ڪاليج

ڊي جي سنڌ ڪاليج

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج: سنڌ جو مشهور ڪاليج ڏيارام ڄيٺمل جي نالي سان ڪراچيءَ ۾ قائم آهي. 1887ع کان اڳ سنڌ ۾ ڪو به ڪاليج موجود نه هو. مئٽرڪ کانپوءِ هتان جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ۽ لاهور ويندا هئا ۽ غريب ۽ مڊل ڪلاس جي شاگردن جي وس جي ڳالهه نه هئي ته هو اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ ڏيارام ڄيٺمل، ديوان مٺارام، ڏيارام گدومل، ديوان واڌومل، فتح چند آتمارام، شيون داس، بهرام جي ڪوتوال، سيٺ آلومل، ٽيڪم داس ۽ اُڌم رام مولچند جي ڪوششن سان ’انڊين ايجوڪيشن ڪميشن‘ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي اجازت ڏني، جنهن لاءِ هتان چندو گڏ ڪيو ويو. 19 جنوري 1887ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جو پهريون ڪاليج ’سنڌ آرٽس ڪاليج‘ جي نالي سان قائم ٿيو، جنهن جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ري ڪيو. شروع ۾ هي ڪاليج هڪ مسواڙي جاءِ ۾ هلندو هو. 1887ع ۾ 28 شاگرد داخل ٿيا، بعد ۾ ڪاليج بندر روڊ تي رام باغ واري علائقي ۾ ٽن بنگلن ۾ منتقل ڪيو ويو. ڪاليج جي بنگلي جو نقشو انجنيئر جيمز اسٽريچن تيار ڪيو هو، جنهنڪري ڪاليج جي سامهون واري رستي جو نالو ’اسٽريچن روڊ‘ رکيو ويو. ڪاليج تي هڪ لک 48 هزار روپيا خرچ آيو. ماڻهن جي چندي کانسواءِ حڪومت به ان ڏس ۾ مدد ڪئي. ڪاليج کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ڏيارام ڄيٺمل ورتيون هيون ۽ ڪاليج جي اڏاوت ۽ بهتريءَ لاءِ چندو به گڏ ڪيو هو، ان ڪري سندس لاڏاڻي کانپوءِ ڪاليج جو نالو سنڌ آرٽس ڪاليج مان تبديل ڪري ’ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج‘ (ڊي. جي. ڪاليج) رکيو ويو. 1900-1899ع جي تعليمي سال ۾ هن ڪاليج ۾ 105 شاگرد تعليم حاصل ڪندڙ هئا، جن ۾ مسلمان شاگردن جو انگ ست هو.
ڪاليج جو پهريون پرنسپال ڊاڪٽر آر. ايم وامسلي هو. 1888ع ۾ ڊاڪٽر موزز جان جيڪسن پرنسپال مقرر ٿيو ۽ 1907ع تائين ان عهدي تي رهيو. نومبر 1888ع ۾ ٿيل بي. اي جي پهرئين امتحان ۾ ڪل 17 شاگرد شريڪ ٿيا ۽ فقط ٽي پاس ٿيا. پهريون شاگرد واڌومل اوڌارام هو، جنهن نومبر 1888ع ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيو. پهريون مسلمان جنهن بي. اي جو امتحان پاس ڪيو، سو يوسف علي مانڊي والا هو ۽ بي. اي پاس ڪندڙ پهرين شاگردياڻي مس مٽالڊا هنٽ هئي. هن ڇوڪريءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته بمبئيءَ مان سنڌ جي ڇوڪرين مان هوءَ پهرين ايم. اي پاس ڪندڙ ڇوڪري هئي. 1901ع ۾ راءِ بهادر ديوان ميٺارام گدومل جي ڪوششن سان ڪاليج لاءِ هاسٽل اڏي وئي، جنهن لاءِ هن 15 هزار روپيا چندو ڏنو هو. ان ڪري هاسٽل سندس نالي سان ’ميٺارام هاسٽل‘ سڏيو ويو. هي ڪاليج ورهاڱي کان به اڄ تائين وڏي اهميت جو حامل آهي. ڊسمبر 1888ع ۾ ڊي. جي ڪاليج ۾ انجنيئرنگ جا ڪلاس شروع ڪيا. هن ڪاليج جو 1917ع کان 1927ع تائين پرنسپال صاحبسنگهه چنداسنگهه شهاڻي رهيو. 1927ع کان 1937ع تائين نارائڻ بالچند ۽ 1937ع کان 1947ع تائين ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پرنسپال رهيو. ورهاڱي وقت چيتن ماڙيوالا هن ڪاليج جو پرنسيپال هو. هن ڪاليج ۾ سنڌ جي وڏن عالمن ۽ اديبن پڙهيو ۽ هتي پڙهايو به آهي.


لفظ ڊي جي سنڌ ڪاليجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو